- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عورتن مٿان تشدد انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙي آهي.
عورتن تي تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هو دنيا جي عورتن ۽ نارين سان ٻڌي جو اظهار ڪري ٿو.
صدر چيو ته عورتن کي تعليم، هنرمندي ۽ معاشي خودمختياري سان بااختيار بڻائڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته مضبوط قانوني ڍانچي ۽ ثقافتي روين ۾ تبديلي اڻٽر آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حڪومت عورتن تي تشدد روڪڻ ۽ متاثرن جي مدد لاءِ سرگرم آهي.
سندس چوڻ هو ته آئين واضح لفظن ۾ عورتن جي عزت، احترام ۽ برابري جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته عورتن کي اهڙو ماحول فراهم ڪنداسين جتي هو بنا خوف آزاد پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻي سگهن.
سندس چوڻ هو ته عورتن تي تشدد وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جي ضرورت آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته عورتن جي تحفظ لاءِ سينٽر ۽ متاثر عورتن جي مالي ۽ قانوني مدد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.- Advertisement -
