- Advertisement -
آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي چيف آف ڊفينس فورس طور مقرري ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي مدي ۾ واڌ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.
صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي سفارش تي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
بچاءَ واري وزارت صدر آصف علي زرداري جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پڌرائي موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جي چيف آف ڊفينس فورس مقرري پنجن سالن لاءِ هوندي.
بچاءَ واري وزارت ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي هوائي فوج جي سربراهه طور مقرري جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪئي وئي آهي.
صدر آصف علي زرداري هوائي فوج جي سربراهه ظهير احمد سڌو جي نوڪري جي مدي ۾ به ٻن سالن جي واڌ جي منظوري ڏني آهي.
پڌرائي موجب هوائي فوج جي سربراهه جي مدي ۾ واڌ 19 مارچ 2026 کان شروع ٿيندي.- Advertisement -
