تازه ترين

عالمي ثقافتي فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو آهي، 8 نومبر تي ٿيٽر فيسٽيول شروع ٿي رهيو آهي:احمد شاھ

- Advertisement -
آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر احمد شاھ چيو آهي ته عالمي ثقافتي فيسٽيول پڄاڻي تي پهتو آهي، 8 نومبر تي ٿيٽر فيسٽيول شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ 24 کان 25  ڊراما  پرفارم ڪيا ويندا. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ عوامي ٿيٽر فيسٽيول 2024 بابت احمد شاهه، ناليواري اديب انور مقصود، منور سعيد ۽ اعجاز فاروقي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تقافتي فيسٽيول ۾ فلسطين وارو ٿيٽر به ٿيو، جنهن ۾ هڪ ماڻهو 25 ڪردار ادا ڪيا. هن چيو ته فزيڪل ٿيٽر به ٿين پيا، اڄڪلھه جنهن ۾ ٻولي جي ڪا رڪاوٽ پيش نه ايندي آهي. احمد شاهه چيو ته دنيا جي اداڪارن، ڊائريڪٽرن، ميوزڪ ڊائريڪٽرن، پينٽرن کي شارٽ لسٽ ڪيو آهي، جيڪي هتي جي نوجوانن کي ٽريننگ ڏيڻ ايندا. ان موقعي تي ناليواري اديب انور مقصود چيو ته پڄائي تي پهتل فيسٽيول ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا وفد شريڪ ٿيا، اهو تاريخ ۾ ياد ڪيو ويندو. هن چيو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏو اداڪار اچي ته فرق نٿو پوي پر ٿيٽر جي اداڪارن جي الڳ ڳالھه آھي، ٿيٽر جي آرٽس کي ماڻهو پسند ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته ٿيٽر جي اداڪارن کي ماڻهو پسند ڪندا آهن، انهن کي گهرجي ته اسڪرپ تي ڪم کي بھتر ڪن. انور مقصود چيو ته هو شهر جي سڀني ٻارن لاءِ ائين ئي سوچيندو آهي جيئن پنهنجي ٻارن لاءِ سوچيندو آهي. هن چيو ته اداڪارن ڊائريڪٽرن  کي گهرجي ته مائيڪ جو استعمال ٿيٽر ۾ نه ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون