- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون هر صورت ۾ 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ سموريون آئيني گهرجون پوريون ڪري چڪي آهي، چونڊن کانپوءِ پنجن سالن لاءِ آئيني حڪومت قائم ٿيندي، آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪيون ويون آهن.
سي اين بي سي کي خاص انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون اها سندن آئيني گهرج آهي، ملڪ ۾ اليڪشن جون تياريون جاري آهن.
سندس چوڻ هو ته چونڊون ڪرائڻ آئيني ذميواري آهي جيڪا نگران حڪومت بهتر نموني سرانجام ڏئي رهي آهي، عوام کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ سندن ذميواري آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته چونڊن بعد ايندڙ پنجن سالن لاءِ عوام جا چونڊيل نمائندا حڪومت ڪندا، اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن لاءِ آئيني گهرجون پوريون ڪري چڪي آهي، اليڪشن دوران عالمي نمائندا به پاڪستان ايندا.
هن چيو ته معيشيت جي بحالي سندن پهرين ترجيح آهي، آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪيا پيا وڃن، معيشيت کي صحيح رستي تي آڻڻ لاءِ سڌارن جو عمل انٽر آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جو هڪ مضبوط موقف آهي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو.
نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، غيرقانوني افغان پناهگيرن جي واپسي تمام ضروري هئي، غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي ملڪ جي سڪيورٽي لاءِ خطرو آهن.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو به ايندو قانوني دستاويزن سان گڏ داخل ٿيندو، پاڪستان هڪ خودمختار ملڪ آهي، تحريڪ انصاف جو باني پنهنجي سياسي خيالن نه پر ڀڃڊاهه تي ڀڙڪائڻ سبب جيل ۾ بند آهي.- Advertisement -
