- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست واپس ورتو وئي آهي، چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته درخواست هر صورت ۾ ٻڌي ويندي، درخواستگذار کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ٽه رڪني بينچ چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار برگيڊيئر رٽائرڊ علي خان، عام چونڊن ۾ٿيل مبينا ڌانڌلي جي جاچ ۽ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار ڪٿي آهي؟، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته درخواستگذار 13 فيبروري تي درخواست واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي.
عدالتي مددگار چيو ته نوٽيس تي عمل ڪرڻ لاءِ درخواستگذار سان فون ۽ ايڊريس تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پهريان درخواست داخل ڪري پوءِ غائب ٿي ويندا آهن، ڇا درخواست شهرت لاءِ داخل ڪئي وئي هئي؟.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته درخواستگذار کي هر صورت ۾ پيش ڪيو وڃي، ڪيس هر صورت ۾ هلايو ويندو، درخواستگذار درخواست داخل ڪري ميڊيا تي جاري ڪيو، جنهن تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڇا چونڊن بابت درخواست ٽي وي تي شهرت لاءِ داخل ڪئي وئي هئي.
چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ائين ڪم نه هلندو، عام طور تي درخواست داخل ٿيندي ئي ميڊيا تي جاري ناهي ٿيندي، درخواستگذار سان فون ذريعي ٻيهر رابطو ڪيو وڃي، اهڙي طرح سپريم ڪورٽ جو مذاق نٿو بڻائي سگهجي، ڇا خبر درخواستگذار پاڻ دروخواست داخل ڪئي آهي يا نه، ڇا خبر بعد ۾ اچي درخواستگذار چوي ته درخواست واپس ناهي ورتي.
چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي درخواستگذار کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 21 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
