عوام پيپلزپارٽيءَ سان گڏ آهي، 8 فيبروري تي هو وڏو سپرائيز ڏيندا، تخت لاهور تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام پيپلزپارٽيءَ سان گڏ آهي، 8 فيبروري تي هو وڏو سپرائيز ڏيندا، تخت لاهور تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن لاهور وٽ ڪو ٻيو به آپشن به هجڻ گهرجي، هو نٿا چاهن ته وري ڪو  کلاڙي اچي ڪنهن بوزدار کي پنجاب تي مڙهي، شاهه محمود قريشي جي گرفتاريءَ جي اڳ به مذمت ڪئي هئي هاڻي به ڪري ٿو، پر ڇا هن ۽ سندس بانيءَ موقف تبديل ڪيو آهي؟ تحريڪ انصاف کي پنهنجي قدمن جي معافي وٺڻ گهرجي. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي چونڊ مهم جاير آهي، عوام پيپلزپارٽيءَ کي ووٽ ڏيندو، هنن گهوٽڪيءَ سميت سموري سنڌ ۾ وڏا منصوبا شروع ڪيا آهن، گهوٽڪي ۾ پ پ سٺا نتيجا ڏيندي. هن چيو ته شهيد راڻي جي ورسءَ تي ڏهه نقاطي منشور پيش ڪيو، موقعو مليو ته ان ضرور عمل ڪي ويندو، عوام ساڻن گڏ آهي، 8 فيبروري تي هو وڏو سرپرائيز ڏيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀني کي خبر آهي ته نامزدگي ڪاغذ ڪير کسي رهيو آهي، اهي ئي جواب ڏين. پ پ چيئرمين چيو ته هنن تخت لاهور تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن لاهور وٽ ڪو ٻيو به آپشن به هجڻ گهرجي، هو نٿا چاهن ته وري ڪو  کلاڙي اچي ڪنهن بوزدار کي پنجاب تي مڙهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شاهه محمود قريشي جي گرفتاريءَ جي اڳ به مذمت ڪئي هئي هاڻي به ڪري ٿو، پر ڇا پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشيءَ پنهنجو موقف تبديل ڪيو آهي؟ هن چيو ته سڀ کان پهريان پي ٽي آءِ باني کي توبهه ڪرڻ گهرجي، تحريڪ انصاف پنهنجن قدمن جي معافي گهري. پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري ڏهه نقاطي چونڊ منشور ٻيهر ورجايو  ۽ چيو ته ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حق ڏئي غريبن لاءِ گهر تعمير ڪرايا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15%
1.2m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون