- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عورتن کي برابري جا موقعا ڏيڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۾ عورتن جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو.
عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي بابت مراد علي شاهه چيو ته اڄوڪو ڏهاڙو عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد جي خاتمي ۽ سماجي شعور اجاگر ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو، تشدد خلاف آواز اٿارڻ هڪ اجتماعي، سماجي، قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به نوعيت ۽ صورت ۾ تشدد برداشت جوڳو ناهي، عورتن خلاف تشدد روڪڻ ۾ معاشري جي هر طبقي کي فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار عورتن تي تشدد روڪڻ لاءِ قانون واضح ڪيو آهي، ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ 2013ع عورتن کي گهريلو تشدد کان قانوني تحفظ فراهم ڪندو آهي.
مراد علي شاهه چيو ته چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ جو مضبوط قانوني فريم ورڪ آهي، وومين ايگريڪلچر ورڪرز ايڪٽ 2019ع برابري اجرت ۽ تحفظ فراهم ڪري ٿو.- Advertisement -
