- Advertisement -
غزا تي اسرائيلي بمباري جي 98 هين ڏهاڙي تي وڌيڪ 151 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب يهودي فوج جي بمباري ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 151 فلسطيني شهيد ۽ 248 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
دير البلاح ۾ ٽن ٻارن سميت 13 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
شهيد ٿيلن جو انگ 23 هزار 708 ۽ زخمين جو انگ 60 هزار کان وڌي ويو آهي.
اسرائيلي فوج گهرن، اسڪولن، مسجدن، اسپتالن ۽ پناهگاهن تي حملا ڪري غزا کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.- Advertisement -
