- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته غزا جهڙا سانحا اسرندڙ دنيا جي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ آهن، جستائين عالمي قوتون غزا جهڙن مسئلن تي خاموش رهنديون ان وقت تائين پائيدار ترقي ممڪن ناهي.
گڏيل قومن جي فيوچر سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته فيوچر فيڪٽ هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن جي ترقي ۽ عالمي مالياتي نطام ۾ سڌارن جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
هن چيو ته معاهدو ان وقت ئي تبديلي جو سبب بڻجندو جڏهن ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن.
بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته عالمي مالياتي ادارن ۾ اسرندڙ ملڪن جي نمائندگي بهتر ڪئي وڃي، پيڪٽ آف فيوچر جي منظوري اجتماعي عزم جو اظهار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل ورڇ کي ختم ڪندي منصفاڻي ڊيٽا گورننس کي يقيني بڻايو وڃي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس کي ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي…
- Advertisement -
