- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته غزا ۾ امن معاهدي تي عمل لاءِ ڪوششون جاري آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي دوران غزا امن معاهدي تي صحي ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته انسانيت کي بچائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اسرائيل کي غزا معاهدي تي عمل ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته جديد دور ۾ جديد علم سکڻ اڻٽر آهي، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته هنن ٽيڪنالاجي ۾ گهڻي ترقي ڪئي ۽ وڌيڪ ڪري رهيا آهن، حڪومت ڊيجيٽائزيشن طرف وڌي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته فور جي ٽيڪنالاجي نواز شريف جي قيادت ۾ متعارف ڪرائي وئي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته گوگل ڪروم بُڪ ڊاڪٽرز، انجنيئر ۽ شاگردن جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو، گوگل پاڪستان جي ڊيجيٽلائزيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي سان ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڪروم بُڪ جي دستيابي موجوده گيجٽس جي فراهمي کي وڌيڪ سولو بڻائيندي.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته نوجوان نسل جي مهارت وڌائڻ ۾ گوگل ڪروم بُڪ اهم ڪردار ادا ڪندو.
- Advertisement -
