- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي بربيت جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، گذريل 24 ڪلاڪ دوران 55 فلسطيني يهودي فورسز جي هٿان شهيد ٿي ويا جڏهن ته 123 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 38 هزار 153 تائين پهچي ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيل غزه جي مختلف علائقن مان فلسطينين کي نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته طفح، دراج ۽ اولڊ سٽي جي علائقن مان سوين خاندانن غزه جي اولهه ۽ ڏکڻ وارن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف لبنان کان 60 راڪيٽ اسرائيل تي فائر ڪيا ويا آهن جنهن جي اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي.
هوڏانهن اسرائيلي قيدين جي آزادي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، سي آءِ اي ۽ موساد جا سربراهه ڳالهين لاءِ اڄ قاهرا پهچندا.- Advertisement -
