- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب شهيد فلسطينين جو انگ 27 هزار 5 ۽ زخمين جو 66 هزار 9 سئو کان وڌي ويو آهي، عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهيدن ۽ زخمين ۾ اڌ کان وڌيڪ تعداد ٻارن ۽ عورتن جو آهي.
عرب ميڊيا موجب، گذريل 224 ڪلاڪن دوران يهودي فوج جي جارحيت ۾ وڌيڪ 110 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسيف جو چوڻ آهي ته غزه تي اسرائيلي بمباري سبب 13 لک کان وڌيڪ فلسطيني ٻارڙا انتهائي خطرناڪ حالتن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
يونيسيف جي رپورٽ موجب غزه جا 6 لک 10 هزار ٻار رفح جي گهٽين ۽ ميدانن ۾ کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.- Advertisement -
