تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

غزه ۾ اسرائيلي جهازن جي بي گهر فلسطينين تي بمباري جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ 90 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي جهازن جي بي گهر فلسطينين تي بمباري جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ 90 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج 10 ڏينهن گڏيل قومن جي 8 پناهگير اسڪولن کي نشانو بڻايو. سول ڊفينس جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته وچ غزه جي نصيرات پناهگير ڪيمپ تي تازي اسرائيلي حملي ۾ 14 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزه ۾ 90 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جو نشانو بڻايا. 7آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 38 هزار 794 ٿي ويو جڏهن ته 89 هزار 360 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي گروپن به مارٽر گولن ۽ بارودي سرنگهن سان جوابي حملا ڪيا جنهن ۾ ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ تباهه ۽ ڪيترائي اسرائيلي فوج مارجي پيا. هوڏانهن امريڪا امداد جي پهچ لاءِ غزه جي سامونڊي ڪناري تي عارضي بندرگاهه ختم ڪري ڇڏي آهي. امريڪي فوج جو چوڻ آهي ته غزه جي سمنڊ ڪناري تي عارضي بندرفگاهه جو ميري ٽائم مشن مڪمل تباهه ٿي ويو جنهن کانپوءِ عارضي بندرگاهه جي وڌيڪ ضرورت نه آهي. هوڏانهن فلسطيني مهاجرن لا ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي تنظيم “انروا” جو چوڻ آهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ملبي کي صاف ڪرڻ ۾ گھٽ ۾گھٽ 15 سال لڳي سگھن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون