- Advertisement -
غزه ۾ النصر اسپتال تي اسرائيلي فوج جي حملي دوران بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ ۽ آڪسيجن نه ملڻ ڪري 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 112 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ڏکڻ غزه جي آخري وڏي اسپتال تي حملو ڪيو، اسرائيلي شهرين جي قيد کي جواز بڻائي، اهو حملو يهودي فوج طرفان غزه جي النصر اسپتال ۾ پناهه وٺندڙ هزارين بي گهر ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو.
عرب ميڊيا موجب ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته غزه جي مرڪزي اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ 5 مريضن آڪسيجن جي فراهمي ۾ خلل پوڻ سبب دم ڏنو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه ۾ شهيد فلسطينين جو مجموعي انگ 28 هزار 755 تائين پهچي ويو آهي.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سمورن يرغمالين جي غير مشروط آزادي ۽ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي.
انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته ٻه رياستي حل طرف مضبوط اڳڀرائي جي ضروري آهي.- Advertisement -
