- Advertisement -
غزه ۾ يهودي فوج جي بربريت جو سلسلو 8 مهينن کان جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ سئو فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه جي وچ وارن علائقن ۾ بمباري سبب 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته دير البلاح ۾ گهر تي حملي ۾ 24 ڄڻن شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 29 هزار 500 ٿي ويو جڏهن ته 69 هزار 600 کان وڌيڪ زخمي آهن.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ رتوڇاڻ کانپوءِ خوراڪ جو بحران سنگين ٿي چڪو آهي، هر چئن مان هڪ ماڻهو بک سبب موت جو شڪار ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن الاقصى اسپتال جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ديرالبلاح تي اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿيلن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ سبب فوتگين ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو.
ٻئي پاسي فلسطيني اٿارٽي نيتن ياهو طرفان جنگ کانپوءِ غزه لاءِ ڏنل منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
فلسطيني اٿارٽي جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو طرفان جنگ کانپوءِ فلسطين لاءِ ڏنل منصوبي جو مقدر ناڪامي آهي.
ٻئي پاسي لبناني مزاحمت تنظيم حزب الله هڪ ڏينهن ۾ اسرائيل تي 12 حملا ڪيا جن ۾ فوجي اڏن ۽ ٻه عمارتن م موجود اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اسرائيل جي حملي ۾ اسرائيل جا 2 ميمبر به شهيد ٿي ويا.- Advertisement -
