تازه ترين

غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي حوالي سان رياست جي واضع پاليسي آهي : ضياءُ الحسن لنجار

- Advertisement -
سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي حوالي سان رياست جي واضع پاليسي آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ صوبائي گھرو وزير چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي سندن وطن واپس موڪليو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واضع هدايتون آهن. سندس چوڻ هو ته ساڻس جڙيل سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي، غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي لاءِ هتي ڪابه جاءِ ناهي. هن چيو ته رياستي پاليسي تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙين ۽ من گھڙت خبرن کان پاسو ڪيو وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جو عوام غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن جي نشاندهي ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون