تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فاطما ڦرڙو قتل ڪيس ۾ ڪنهن به قسم  جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو: حارث نواز

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته فاطما ڦرڙو قتل ڪيس ۾ ڪنهن به قسم  جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، ڦير ڦار جي خدشي سبب جوابدار  اسد علي شاهه جي ڊي اين اي جا جزا ڪراچي منتقل ڪيا ويا آهن، وارثن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي، انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس کي بهتر نموني ڏٺو پيو وڃي، ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته اسد شاهه گرفتار ۽ سندس گهرواري ضمانت تي آزاد آهي، ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

گهرو وزير چيو ته فاطمه جي ٽيسٽ کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪراچي  منتقل ڪيو آهي، جيئن ڦير ڦار نه ٿي سگهي، چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جا قلم به لڳايا ويا آهن، انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

برگيڊيئر رٽائرڊ  حارث نواز چيو ته ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو پيو وڃي،  درياهه ۾ پاڻي آهي ان ڪري ڌاڙيل ڀڄي وڃن ٿا، انٽيليجنس بنيادن تي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

نگران گهرو وزير چيو ته  صوبي ۾ بدليون مقرريون شروع ڪيون ويون آهن، پوليس جي بدلين دوران سياسي اثر کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي.

هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23 ° C
23 °
23 °
36 %
2.7kmh
81 %
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون