تازه ترين

فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ بدامنيءَ ۾ واڌ ٿي وئي، 24 ڪلاڪن اندر ڦر ۽ چوريءَ جون 4 وارداتون

- Advertisement -
فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ بدامنيءَ ۾ واڌ ٿي وئي، 24 ڪلاڪن اندر ڦر ۽ چوريءَ جون 4 وارداتون پيش آيون آهن. رڪشا هلائيندڙ پورهيت عبدالجبار بروهي جي گهر کي چور کاٽ هڻي گهر ۾ پيل 25 هزار رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. جانوري پيٽرول پمپ ڀرسان صفيع الله بروهي جي آٽوز جي دڪان کي ڻڄاتل چور کاٽ هڻي 2 سولر پليٽون، بيٽري، آٽوز جو سامان ۽ هزارين رپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا. ساڳئي ڏينهن ڦورو بسڪيٽ کپائيندڙ پورهيت صدام ڏيپر کان 30 هزار رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا. ٻئي طرف ساڳئي ئي ڏينهن چور وچ شهر مان پورهيت صابر چنا جي دڪان جا تالا ٽوڙي سندس دڪان مان 12 هزار رپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا. هوڏانهن فريدآباد ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامنيءَ تي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪندي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته وڌندڙ بدامنيءَ جو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
34 %
1.6kmh
1 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون