- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس، قاهره ڳالهين ۾ وفد نه اماڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، حماس جو چوڻ آهي ته ٽياڪڙي ڪندڙ اسرائيل تي 2 جولاءِ جي طئي ٿيل معاهدي تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ زور ڀرن.
حماس چيو ته ٽياڪڙي ڪندڙ کين جوبائيڊن جي جنگبندي ويزن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي روشني ۾ 2 جولاءِ تي ٿيل ڳالهين دوران طئي ٿيل نڪتن تي عمل لاءِ پنهنجو منصوبو پيش ڪن.
حماس پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽياڪڙي ڪندڙن کي گهرجي ته هو ڳالهين جي وڌيڪ دور بدران اسرائيل تي زور ڀرن ته ڳالهين دوران طئي ٿيل نقطن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀرن، نئين تجويزن سان اسرائيل کي سندس ماڻهن جي قتل عام جو بهانو ملي رهيو آهي.- Advertisement -
