- Advertisement -
سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران ڪراچي ۾ غير معياري آر او پلانٽس خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ضلعي ڏکڻ ۾ 8 ۽ ضلعي اوڀر ۾ 3 آر او پلانٽس سيل ڪيا ويا.
ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي جو چوڻ هو ته سيل ڪيل آر او پلانٽس جا اوزار زنگ لڳل ۽ پاڻي جي ٽئنڪين ۾ گندگي ھئي ۽ ڊگهي وقت کان فلٽر تبديل نه ڪيا ويا هئا.
ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو جو چوڻ هو ته غير معياري آر او پلانٽس خلاف ڪارروائي جاري رهندي.
هن چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي عالمي ادارو صحت جي معيارن مطابق پاڻي جي جاچ کي يقيني بڻائي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت تائين صوبي ۾ 463 فوڊ بزنس يونٽن ۽ آر او پلانٽس جو معائنو ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ غير معياري پاڻي ۽ ملاوٽ ٿيل کير خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته غير معياري آر او پلانٽس ۽ ملاوٽ ٿيل کير خلاف شڪايتون واٽس ايپ نمبر 03300116533 تي درج ڪرائي.
هن چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي عوامي صحت جي تحفظ لاءِ پاڻي جي معيار تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي.- Advertisement -
