فيصل ڪريم ڪنڊيءَ خيبرپختونخوا جي گورنر طور قسم کڻي ورتو

- Advertisement -
فيصل ڪريم ڪنڊيءَ خيبرپختونخوا جي گورنر طور قسم کڻي ورتو، سندس چوڻ هو ته آهي ته صوبي دهشتگردي ۽ مالي بحران آهي، صوبائي حڪومت اچي ته هو گڏجي صوبي جا حق  مرڪز کان گهرن، هڪٻئي جي ڳچيءَ مان وٺڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، کين صوبي جي ترجيحن کي ڏسڻو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ مختلف شخصيتن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور  ۽ سندس ڪابينا شرڪت نه ڪئي. تقريب دوران پشاور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم فيصل ڪريم ڪنڊيءَ کي قسم کڻايو. فيصل ڪريم ڪڻڊيءَ خيبرپختونخوا جي 40هين گورنر طور قسم کنيو. فيصل ڪريم ڪنڊي 24 مئي 1975ع تي پيدا ٿيو ۽ شروعاتي تعليم ڪراچيءَ جي سينٽ پيٽر اسڪول ۾ حاصل ڪئي. فيصل ڪريم ميٽرڪ سينٽ هيلن هاءِ اسڪول ڊيرا اسماعيل خان ۽ بيچلر جي ڊگري پنجاب يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. لندن جي ٿامن ويلي ڪاليج مان ايل ايل بي ڪرڻ بعد 2001ع جي مڪاني چونڊن ذريعي پنهنجي عملي سياست جي شروعات ڪئي. 2008ع جي چونڊ ۾ فيصل ڪريم ڪنڊيءَ مولانا فضل الرحمان کي  شڪست ڏئي ايم اين اي بڻيو، 33 ورهين جي عمر ۾ کيس قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر مقرر ڪيو ويو. 2022ع ۾ وزيراعظم شهبازشريف فيصل ڪريم کي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت  خاص مددگار مقرر ڪيو. گورنر طور قسم کڻڻ بعد ميڊيا  سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊيءَ چيو ته هو چاهي ٿو ته صوبو ترقي ڪري، جي ۾ دهشتگردي ۽ مالي بحران آهي، ان جو خاتمو ڪيو ويندو. هن چيو ته سياسي پارٽيءَ جي سربراهن کي فون ڪيو،  سياست قيادت وٽ هو پاڻ هلي ويندو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو صوبائي حڪومت کي دعوت ڏي ٿو ته اچو گڏجي مرڪز کان پنهنجا حق گهرون. ڪي  پي جي گورنر چيو ته هڪٻئي جي ڳچيءَ مان وٺڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، کين صوبي جي ترجيحن کي ڏسڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
heavy intensity rain
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
35%
2m/s
90%
ڇنڇر
22 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون