- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف انڪشاف ڪيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد نواز شريف ۽ شهباز شريف کي پيغام موڪليو ته کيس آرمي چيف بڻايو وڃي، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ آخري 24 ڪلاڪن تائين آرمي چيف ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته جنرل باجوه پنهنجي مدي ۾ واڌ يا فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ ٿي چاهيو.
هن چيو ته جنرل قمر جاويد باجوه جي رٽائرمينٽ جو وقت ويجهو ايندي ئي فيض حميد پاڻ آرمي چيف بڻجڻ لاءِ 24 ڪلاڪن تائين ڪوششون جاري رکيون.
هن چيو ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد آرمي چيف بڻجڻ لاءِ نواز شريف کي منٿون ڪندو رهيو.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جنرل باجوه پنهنجي عهدي ۾ واڌ يا فيض حميد جي آرمي چيف طور مقرري چاهي ٿي، آخر ۾ هن اسان جي حڪومت کي مختلف آپشن پڻ ڏنا ته جيڪڏهن ليفٽيننٽ جنرل فيض کي آرمي چيف نه بڻايو وڃي ته پوءِ جنرل عاصم منير کي اهو عهدو نه ڏنو وڃي.- Advertisement -
