فيڊرل بورڊ آف روينيو ٽيڪس اسڪيم ۾  واپارين جي مرضي موجب تبديليون ڪرڻ لاءِ تيار

- Advertisement -
بجلي جي ڳرن بلن ۽ واڌو ٽيڪس خلاف واپارين جي ملڪگير شٽر بند هڙتال رنگ لاتو،  فيڊرل بورڊ آف روينيو ٽيڪس اسڪيم ۾  واپارين جي مرضي موجب تبديليون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ايف بي آر ذريعن موجب جيڪڏهن واپاري تيار ٿين ته ترميمي نوٽ فوري طور جاري ڪري سگهجي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسودي ۾ ننڍن واپارين کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ واري ترميم شامل ڪئي وئي آهي. انڪم ٽيڪس ريٽرن فارم آسان اردو زبان ۾ جاري ڪيو ويندو. 10 ڪروڙ رپين جي سالياني ٽرن اوور تي سيلز ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر طرفان واپارين جي انڪم ٽيڪس ٽيبل ۾ ترميم جو به امڪان آهي. واضح رهي ته  گذريل ڏينهن واپاري تنظيمن جا نمائندا ايف بي آر چيئرمين سان ملاقات لاءِ نه آيا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.8m/s
0%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون