قادرپور مان يارنهن هزار بجلي جون تارون چوري ٿيل سبب علائقو اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويو، 10 هزار کان وڌيڪ گهرن جي بجلي بند پيل آهي، سيپڪو انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو.
بجلي بند هئڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪاروبار متاثر ٿيڻ سبب سندن گهرن جا چلها نه ٻري سگهيا.
شهرين جو چوڻ هو ته سيپڪو انتظاميا کي ڪا پرواهه ناهي هو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
سيپڪو انتظاميا جو چوڻ هو ته چور 11 هزار وولٽيج جون تارون لاهي ويا آهن، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد بجلي بحال ڪئي وڃي.
