قمبر ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪر ي ڇڏيو.
ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪراچي جي بلاول ڪالوني جو رهواسي 40 ورهين جو مختيار علي چانڊيو قتل ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتول جي گهر واري جو چوڻ هو ته فوتگي تي ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو وڃي رهيا هئا ته اڻڄاتل هٿياربند جي ڪار تي فائرنگ ۾ سندس مڙس قتل ٿي ويو آهي.


