- Advertisement -
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ به جاري رهندو جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس صبح يارهين وڳي شروع ٿيندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندو.
پيپلزپارٽي طرفان سمورن ميمبرن کي بلاول ڀٽو جي تقرير دوران ايوان ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف به بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير دوران ايوان ۾ موجود رهندو جڏهن ته مخالف ڌر طرفان اڄ به احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
