- Advertisement -
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.
نئين اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي جي به اجلاس ۾ شرڪت جو به امڪان آهي.
حڪومتي ميمبر انجم عقيل خان انتظاميه جي اجازت کانسواءِ فرنيچر ايڪسپوز منعقد ڪرڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندو.
اسلام آباد ۾ خانگي تعليمي ادارن جي رجسٽريشن ۽ ريگيوليشن ترميمي بل 2026 به ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو.
پاڪستان جي نالي ۽ نشانن جي غير مجاز استعمال کي روڪڻ لاءِ بل پيش ڪيو ويندو.
ڀنگ جي ڪنٽرول ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2026 به ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو.
محفوظ ٿيل دستاويزي جمواد ترميمي بل 2026 به ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو.
ريلوي جي منتقلي جو ترميمي بل 2026 به منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پڻ پيش ڪيون وينديون.
پرڏيهه سفر ڪندڙ پاڪستانين کي ميزبان ملڪن ۾ درپيش ايندڙ مسئلن تي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پڻ نوٽيس پيش ڪيو ويندو…..
- Advertisement -
