تازه ترين

قومي اسيمبلي جو اجلاس عيد جي موڪلن کانپوءِ اڄ ٻيهر شروع ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو

- Advertisement -
قومي اسيمبلي جو اجلاس عيد جي موڪلن کانپوءِ اڄ ٻيهر شروع ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام پنجين وڳي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن جو 2 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث اڄ کان شروع ٿيندو، موجوده اجلاس ۾ فنانس بل 25-2024 به منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب بجيٽ تي بحث جي شروعات ڪندو، اپوزيشن ليڊر حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ٽيڪس نظام تي تنقيد ڪندو، مخالف ڌر بجيٽ جي منظوري دوران احتجاج ۽ هنگامو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب بجيٽ تي بحث هڪ هفتو جاري رهندو، اجلاس ڇنڇر ۽ آچر تي به جاري رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، حڪومت 29 جون تي قومي اسيمبلي مان بجيٽ جي منظوري حاصل ڪندي. حڪومتي ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ ۽ بجيٽ جي منظوري تائين پنهنجن تڪن ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
20 %
3.6kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون