تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وهاب رياض چيو ته 2000ع ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي، زندگيءَ ۾ ڪيترائي خواب ڏٺا، انهن مان هڪ خواب پاڪستان لاءِ کيڏڻ به هو.

هن چيو ته هو هاڻي به پاڪستان لاءِ کيڏڻ چاهي ٿو پر هاڻي سندس ٽيم جاءِ نٿي ٺهي، قومي ٽيم ۾ سٺا فاسٽ بالر موجود آهن.

وهاب رياض چيو ته هن ڪو جذباتي فيصلو ناهي ڪيو، هو حقيقت تي يقين رکي ٿو، ورلڊ ڪپ 2023ع تي فوڪس هو پر هاڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي خدا حافظ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پر هو ليگ ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو.

پريس ڪانفرنس دوران وهاب رياض والد ۽ خاندان جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو.

وهاب رياض چيو ته 2011ع واري ورلڊڪپ سندس زندگي تبديل ڪري ڇڏي، وقار يونس، عاقب جاويد، محمد اڪرم کيس تمام گهڻو سپورٽ ڪيو، شين واٽسن خلاف اسپيل يادگار رهندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
13 %
4.6kmh
100 %
اڱارو
27 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون