- Advertisement -
لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڄمون جي شهيدن جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن.
هي ڏهاڙو لکين شهيد مسلمانن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي.
6 نومبر 1947ع ۾ هندو بلوائين لکين هٿين خالي مرد، عورتن ۽ ٻارڙن کي بي دردي سان شهيد ڪري ڇڏيو هو.
والاريل ڪشمير ۾ گذريل 77 ورهين کان ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي.
ڀارت غيرقانوني قبضي ۽ ڪشميرين تي ظلمن جي بازار گرم ڪري رهي آهي.
عالمي برادري ڀارت جي ظلمن تي خاموش نه رهي، والاريل ڄمون ڪشمير جي قتل عام کي نسل ڪشي طور تسليم ڪري.
- Advertisement -
