تازه ترين

لاهور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف باني جو 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار

- Advertisement -
لاهور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف باني جو 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس طارق سليم ۽ جسٽس انوار الحق تي ٻڌل 2 رڪني بينچ تحريڪ انصاف باني جي 12 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اوهان جوابدار تي فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ لاءِ دٻاءُ نٿا وجهي سگهو. جسٽس انوارالحق رمارڪس ڏنا ته اوهان کي ڪڏهن خيال آيو ته هاڻي ماڊرن ڊيوائسز طرف وڃڻ گهرجي؟. پنجاب جي پراسيڪيوٽر جنرل فرهاد علي شاهه دليل ڏيندي چيو ته فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ جي سهولت جيل اندر ئي آهي، ٻاهر وٺي وڃڻ ناهي هوندو، ان موقعي تي پراسيڪيوشن کي مڪمل موقعو نه ڏيڻ زيادتي هوندي، آخر ۾ سڄو الزام پراسيڪيوشن تي لڳندو آهي ته هو ناڪام رهيو. عدالت 12 ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف باني جي جسماني رمانڊ خلاف درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏنو ۽ پي ٽي آءِ باني جي وڊيو لنڪ تي حاضري جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
32 %
4.7kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون