- Advertisement -
لاهور ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي انساني سمگلنگ ۾ ملوث ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي لاهور سرڪل انٽيليجنس ايجنسين جي نشاندهي ۽ وفاقي گهرو وزير جي هدايت تي ڪارروائي ڪندي انساني سمگلنگ جي عالمي نيٽ ورڪ کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو، نيٽ ورڪ عام ماڻهن کي پرڏيهه ۾ روزگار جو دلاسو ڏئي ڦرلٽ ۾ ملوث هو.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته نيٽ ورڪ جا عالمي سمگلنگ ٽولن سان رابطا آهن، پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي سازش به ناڪام ٿي چڪي آهي، ڏوهاري سرگرمين ۾ ڀارتي ۽ افغاني شهري ملوث آهن.- Advertisement -
