تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لاهور ۾ جج جي گهر واريءَ هٿان وحشياڻي تشدد جو شڪار رضوانه پوليس کي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لاهور ۾ جج جي گهر واريءَ هٿان وحشياڻي تشدد جو شڪار رضوانه پوليس کي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته جج جي گهر واري ڏنڊن ۽ لوهي سيخن سان تشدد ڪندي رهي آهي، کيس وارن مان جهلي مٿو ڀت سان هنيو ويندو هو، کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪمري ۾ بند ڪري بکيو رکيو ويندو هو.

لاهور ۾ او ايس ڊي بڻايل سول جج عاصم حفيظ جي گهر واريءَ هٿان وحشياڻي تشدد جو شڪار رضوانه پوليس کي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو.

پوليس ذريعن موجب، رضوانه پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته جج جي گهر واري روزانو مٿس تشدد ڪندي هئي، ڏنڊن، لوهي سيخن ۽ ٻين شين سان تشدد ڪيو ويندو هو.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته رضوانه چيو ته جج جي گهرواري ڪاوڙ ۾ اچي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪندي هئي، کيس وارن مان جهلي مٿو ڀت سان هنيو ويندو هو، کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪمري ۾ بند ڪري بکيو رکيو ويندو هو.

پوليس ذريعن موجب، تشدد جو شڪار رضوانه ٻڌايو ته کيس والد ۽ امڙ سان ملڻ جي اجازت نه ملندي هئي، ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي ويندي هئي پر جج جي گهرواري گڏ هوندي هئي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته رضوانه ٻڌايو ته جج جي گهرواري تشدد بابت والدين کي نه ٻڌائڻ لاءِ چوندي هئي ۽ ڌمڪيون به ڏيندي هئي، سندس زخمن جي مرهم پٽي به نه ڪرائي ويندي هئي.

پوليس ذريعن موجب، جج جي گهرواري اڃا تائين جي آءِ ٽي آڏو پيش ناهي ٿي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
21 %
3.6kmh
98 %
اڱارو
24 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون