لاڙڪاڻي ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته رحمت پور ٿاڻي جي حد پير مراد شاهه واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلوي دوران ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري جي سڃاڻپ ذوالفقار چانڊيو طور ٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري ذوالفقار چانڊيو مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري جي ساٿين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
