تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لاڙڪاڻو: نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ مظاهرو ۽ ڌرڻو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان وقار حسين کچي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

مغوي نوجوان جي پيرسن والد طالب حسين کچي، ياسر عباس، يوسف عرف جاني، ممتاز علي مرکنڊ، حبدار علي منگي، منظور حسين لاشاري، سيد فياض شاهه، غلام مصطفي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وقار حسين کچي 7 جون تي گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿيو هو جڏهن ته 20 ڏينهن بعد ڌاڙيلن غوثپور مان فون ڪري ٻڌايو ته هنن کيس پوليس وردي ۾ اچي علي گوهر آباد پوليس چوڪي وٽان اغوا ڪيو آهي.

هنن چيو ته ڌاڙيلن چيو ته نوجوان شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ آهي جنهن جي آزادي لاءِ 30 لک رپين جو بندوست ڪري ايس ايس پي جي پي ايس او اياز کيڙو سان ملو.

سندن چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڌاڙيلن نوجوان کي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي هئي.

اڳواڻن چيو ته وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود پوليس نوجوان کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي جنهنڪري سمورا گهر ڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن خدشو آهي ته ڌاڙيل کيس ماري ڇڏيندا.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
55 %
4.7kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون