تازه ترين

لاڙڪاڻو : پوليس مقابلي دوارن سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

- Advertisement -
لاڙڪاڻو پوليس مقابلي دوارن سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. ايس ايس پي عبدالرحيم شيرازي جو چوڻ آهي ته حيدري پوليس جو جمالي لاڙي وٽ ڏوهه جي نيت سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ساٿي اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ ڪوثر مل ايوب ڪالوني واسي شاهد پٽ علي نواز شاهاڻي  طور ٿي، سندس قبضي مان پسٽل هٿ ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي موجب، گرفتار جوابدار لاڙڪاڻي پوليس کي انتهائي گهربل هجڻ سان گڏ ٻين ضلعن جي پوليس کي به گهربل هو جڏهن ته سي ٽي ڊي به ان جي ڳولا ۾ آهي، جوابدار مٿان ڪراچي، حيدرآباد، دادو، قمبر، ميهڙ سميت مختلف شهرن ۾ 35 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ملوث آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جي فرار ساٿين جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
43 %
3.1kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون