تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لاڙڪاڻي شهر جي رهواسين وڌندڙ بدامني ۽ بقاپور پوليس خلاف ڌرڻو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لاڙڪاڻي شهر جي اوٺا چوڪ جي رهواسين وڌندڙ بدامني ۽ بقاپور پوليس خلاف ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏھن تھ پوليس لاٺي چارج ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

اوٺا چوڪ جي رهواسين عرفان سومري، ابرار انڙ، رحيم داد انڙ، عزيز الله انڙ ۽ ٻين اوٺا چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ بقاپور ٿاڻي جي حد اوٺا چوڪ ۽ ڀروارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، ھڪ مهيني دوران ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ سان گڏ 100 کان وڌيڪ چوري، ڦر ۽ ڌاڙن جون وارداتون ٿي چڪيون آهن.

احتجاج ڪندڙ علائقي واسين جو چوڻ ھو تھ پوليس ڏوهارين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.

ھنن وڌيڪ چيو تھ ھڪ ڏينھن اڳ سٽي ڪالوني جي مُک گيٽ وٽ پنجن هٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري ماڻهن کي ڦر لٽ ڪئي.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو تھ ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان کي هٽائي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري شھرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي . ايس ايڇ او بقاپور عبدالرزاق ٽڳڙ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون، جڏھن تھ ڳالھيون ناڪام ٿيڻ بعد پوليس لاٺي چار ڪندي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
23 %
2.1kmh
60 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون