تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لاڙڪاڻي واسي نوجوانڌاڙيلن هٿان اغوا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لاڙڪاڻي واسي نوجوان کي ڌاڙيلن اغوا ڪري سندس بازيابيءَ لاءِ وارثن کي فون ڪري 30 لک رپيا گهريا آهن جڏهن ته نوجوان کي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي.

مراد واهڻ واسي نوجوان وقار کچي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو آهي جنهن جي آزاديءَ لاءِ ڌاڙيلن وارثن کي فون ڪري 30 لک رپيا گهريا آهن.

مغوي نوجوان جي وارثن دانهيندي چيو ته سندن ڪنهن سان دشمني ناهي بيگناهه نوجوان کي اغوا ڪري شڪارپور جي ڪچي ۾ باندي بڻايو ويو آهي.

هنن چيو ته ڌاڙيلن فون ڪري نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ 30 لک رپيا گهريا آهن، هو غريب مسڪين ماڻهو آهن اڄ به ماني ناهي ڪئي ۽ گهر ۾ قرآن پاڪ لوڏي رهيا آهن.

وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وقار کي جلد آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ڌاڙيلن مغوي نوجوان کي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي.

وڊيو ۾ مغوي نوجوان ٻڌائي رهيو آهي ته ڌاڙيلن کيس مراد واهڻ مان اغوا ڪري ڪچي ۾ آڻي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

وڊيو ۾ نوجوان چئي رهيو آهي ته ڌاڙيل کيس ماري لاش روڊ تي اڇلائي ڇڏيندا، هو ايس ايس پي لاڙڪاڻي، پنهنجي والد طالب کچي ۽ ٻين کي اپيل ٿو ڪري 30 لک رپيا ڌاڙيلن کي آزاد ڪرايو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
-1.1 ° C
-1.1 °
-1.1 °
33 %
2.9kmh
0 %
جمعو
-1 °
ڇنڇر
5 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
5 °

تازه ترين خبرون