لاڙڪاڻي ۾ مدرسي جي استاد ۽ پيش امام پاران مبينا طور ٻن کٿابين سان فعلي ڪئي وئي آهي.
مارڪيٽ ٿاڻي جي حد صديقي بازار ۾ مدرسي جي استاد ۽ پيش امام پاران مبينا طور ٻن کٿابين کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو.
متاثر نينگرن جي وارثن مدرسي پهچي واقعي بابت معلومات ورتي.
هڪ متاثر نينگر جي پيءُ ٻڌايو ته صديقي بازار جي مدرسي ۾ ديني تعليم لاءِ پٽ کي داخل ڪرايو، گذريل رات دير سان مدرسي جي استاد ۽ پيش امام پٽ سميت ٻن نينگرن کي بدفعلي جو نشانو بڻائي ظلم ڪيو آهي.
مبينا بدفعلي جو نشانو بڻيل نينگرن طرفان ٻين کٿابين سان گڏجي مدرسي جي استاد جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.
متاثر نينگرن مطالبو ڪيو ته مدرسي جي استاد ۽ پيش امام خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. الزام هيٺ آيل مدرسي جي استاد ۽ پيش امام شفيق الرحمان عالماڻي الزامن کي رد ڪندي چيو ته نينگرن سان بدفعلي ناهي ڪئي، طالبن جو هڪ گروهه آهي جيڪي سندس خلاف سازش ڪري مدرسي مان نيڪالي ڏيڻ چاهي ٿو
