تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لاڙڪاڻي ۾ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر ايم پي اي نثار کهڙو جي گهر تي دستي بم حملو

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر ايم پي اي نثار کهڙو جي گهر تي دستي بم حملو ڪيو ويو آهي، گهرو وزير ضياءُ لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد لطيف ڪالوني ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل جوابدارن پ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر ايم پي اي نثار احمد کهڙو جي گهر ٻاهران دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا. اطلاع تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي سول لائين سميت ضلعي جي پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيم پهچي شاهديون گڏ ڪيون، لاڙڪاڻو پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو  ٻڌايو ته واقعو دهشتگردي آهي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته موٽرسائيڪل سوار ٻه جوابدار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاريءَ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ ٻڌايو ته اهي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي رهائشگاهه اندر موجود هئا ته ٻاهران موٽرسائيڪل سوار ٻه جوابدار دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، وڌيڪ پوليس نفري پهتي آهي جن طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار صوبائي صدر نثار کهڙي جي گهر ٻاهران دستي بم حملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. گهرو وزير ضياءُ لنجار جو چوڻ آهي ته دستي بم حملي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، پوليس ٽيم کي متحرڪ ڪري حقيقي جوابدارن تائين پهچ کي يقيني بڻايو وڃي. نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته اهڙا ڌماڪا هن کي جمهوريت ۽ عوام لاءِ جدوجهد کان نٿا روڪي سگهن، هو جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو، ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ناهي. هن چيو ته اهڙو حملو ماضيءَ ۾ ڄام صادق جي دور ۾ به ٿي چڪو آهي، اهو نه پهريون ڊنو هو نه هاڻي ڊڄندو، کيس هيسائي نٿو سگهجي. نثار کهڙي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان فون تي رابطو ڪري واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون