- Advertisement -
لکي غلام شاهه ويجهو مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان جو ڪچي واري علائقي مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن، ڳوٺاڻي کي ڪهي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش جهنگ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا آهن.
مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان غلام حسين سولنگي جو روھڙي جي دبر واري علائقي مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن، ڳوٺاڻي کي ڪهي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش جهنگ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا آهن.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو…- Advertisement -
