تازه ترين

ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گرين انرجي کي هٿي ڏيڻي پوندي: احسن اقبال

- Advertisement -
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گرين انرجي کي هٿي ڏيڻي پوندي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ملڪي معيشت بهتري جي رستي تي آهي، حڪومت توانائي جي شعبي جي ترقي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ماضي ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيو هو، سندن حڪومت سي پيڪ تحت توانائي جا منصوبا شروع ڪيا. احسن اقبال چيو ته اهي چاهين ٿا ته هر ڪنهن کي سستي ۽ ماحول دوست توانائي ملي، توانائي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي. سندس چوڻ هو ته متبادل توانائي جي منصوبن تي به ڪم ٿي رهيو آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي. منصوبابندي واري وزير چيو ته توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ تاجڪستان سان گڏجي ڪاسا منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايشيائي ملڪن کي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻو پوندو، ايشيائي خطي جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي هلڻ ضروري آهي، ماحولياتي مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ گرين توانائي کي هٿي ڏيڻي پوندي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي وڏو مسئلو آهي، 2022ع ۾ ٻوڏ سبب پاڪستان کي اربين رپين جو نقصان ٿيو، ايشيائي ملڪن کي گڏجي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
44 %
2.2kmh
30 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون