تازه ترين

ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڳوٺاڻن جي قتل ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڳوٺاڻن جي قتل ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪري رھي آھي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ 28 سيپٽمبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڳوٺ ماڙي جلباڻي تي چڙھائي ڪئي ، نتيجي ۾ چار ڳوٺاڻا مارجي ويا ۽ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 6 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا.

درخواست ۾ چيو ويو آھي تھ ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ھاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراھي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.

درخواست موجب بي گناھھ ڳوٺاڻن جي قتل ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ پوليس پاران واقعي جي جوابدارن بدران متاثرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جيڪا سراسر ناجائزي آھي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
16 %
5.7kmh
57 %
آچر
29 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون