- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نبي سر وينجهيئر منصوبو مستقبل ۾ انفراسٽرڪچر جي رٿائن لاءِ اهم مثال قرار ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي اهم تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن کي مسلسل عالمي سطح تي موٽ ملي رهي آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته نبي سر وينجهيئر واٽر سپلاءِ منصوبي تحت 45 ڪيوسڪ پاڻي ٿر پاور پلانٽس کي فراهم ڪيو ويندو، منصوبي سان هڪ هزار 650 ميگا واٽ بجلي جي پيداوار ممڪن ٿيندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان اڄ ٽن منصوبن لاءِ جمع ٿيا آهن، هڪ منصوبو نبي سر وجيهر واٽر پراجيڪٽ مڪمل ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته نبي سر وينجهيئر واٽر سپلاءِ منصوبو ٿر بلاڪ اول کي پاڻي فراهم ڪندو.
سندس چوڻ هو ته واٽر سپلاءِ منصوبي تحت 45 ڪيوسڪ پاڻي ٿر جي پاور پلانٽس کي فراهم ڪيو ويندو.
هن چيو ته منصوبي سان هڪ هزار 650 ميگاواٽ بجلي پيداوار ممڪن ٿيندي جنهن سان قومي سطح تي بجلي جي لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته انرٽيڪ هولڊنگ ڪمپني جي سهڪار سان پاڻي، توانائي، جدت ۽ ماحولياتي شعبن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته هنن وٽ ٿر ۾ دنيا جا ڇهون نمبر ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن، اهي ذخيرا پهريان استعمال هيٺ نه هئا، ٿرپارڪر هاڻي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ دنيا جي سڀ کان سستي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، اهو منصوبو پاڪستان جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، ان ڪاميابي تائين سفر سولو نه هو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ۽ انرٽيڪ واٽر پرائيويٽ لميٽڊ کي وقت تي مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ پيش ڪري ٿو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ٻيو وڏو منصوبو آهي، ان منصوبي جو پهريون به ڪيترائي ڀيرا افتتاح ٿي ويو آهي پر هن ڀيري فائنل آهي.
سندس چوڻ هو ته ان منصوبي ۾ به ڪيتريون ئي ڏکيائيون آيون آهن، سي اي اي اسان کي بلند عمارت بڻائڻ جي اجازت نه ڏني، جڏهن ته ان علائقي ۾ اڳ به هڪ وڏي عمارت موجود هئي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي پارڪ کانپوءِ اسان جا نوجوان انجنيئرن کي ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پوندي، سليڪون ويلي جون سموريون سهولتون اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ مهيا ٿينديون.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته تمام جلد افتتاح ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ تي ڪم شروع ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ٽريٽمنٽ پلانٽ 4 قائم ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيون ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته اهو منصوبو ڪي ايم سي ۽ انرٽيڪ وچ ۾ ٿيندو ۽ اهو سڀ کان وڏو منصوبو هوندو، اسان سان پاڪستان جا بهترين صلاحڪار ۽ ڪيترين ئي ڪمرشنل بينڪن جا نمائندا ڪم ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت به هنن جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تعريف ڪري چڪي آهي، عالمي سطح تي سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽر پارٽنرشپ يونٽ کي سٺو نمبر قرار ڏنو ويو هو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪشمور-ڪنڌڪوٽ پل به مڪمل ٿيڻ واري آهي، ان منصوبي مان پورو پاڪستان فائدو کڻندو.
هن چيو ته ايم نائن کان اين فائيو لنڪ روڊ منصوبي سان علاقائي رابطا بهتر ٿيا آهن، شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي فيبروري 2026ع تائين مڪمل ٿيڻو هو پر مان ان تي ناراض آهيان.
سندس چوڻ هو ته مارچ 2026ع ۾ هي شاهراهه مڪمل ٿيندي ۽ ان جو اففتاح ڪيو ويندو، ايڪسپريس وي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي ۾ ٽريفڪ دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پورٽ کان قيوم آباد منصوبي سان بندرگاهه تائين منصوبو به جلد شروع ڪيو ويندو، اهو منصوبو هڪ سال اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف آهي، اهو پورو وڏو منصوبو آهي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ان منصوبي سان ٽريفڪ جو سفر هڪ ڪلاڪ مان گهٽجي تقريبن 25 منٽ رهجي ويندو، پورٽ جو ٽريفڪ 24 ڪلاڪ هلندو ۽ ڪارڪردگي ڊبل ٿي ويندي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ماڻهن جو سنڌ حڪومت تي يقين نه آهي پر ان جو سبب هن کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي پر سنڌ جي عوام کي پ پ مٿان يقين آهي ۽ اهو هر ڀيري ووٽن سان چونڊيندو آهي.
ڪجهه ماڻهو پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي سنڌ جي عوام جو مذاق اڏائيندا آهن، جڏهن پورو سنڌ صوبو ٻڏل هوته اسان سالن ۽ مهينن ۾ نه بلڪ ڏينهن ۾ ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو.- Advertisement -
