تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

مسئلو اقليتن جي حفاظت جو ناهي، اقليتن جي حقن لاءِ سڀني جي سوچ هڪ جهڙي آهي : مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قانون مٿان قانونسازي ڇو ڪئي پئي وڃي، اهڙو قانون ڇو آندو پيو وڃي جنهن مان سڀاڻي ڪو غلط فائدو حاصل ڪري، وفاقي وزير کي قاديانين جي چالاڪين جي خبر ناهي، قاديانين کي رستو ڏيندڙ ڪا به قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مسئلو اقليتن جي حفاظت جو ناهي، اقليتن جي حقن لاءِ سڀني جي سوچ هڪ جهڙي آهي. سندس چوڻ هو ته اهڙو قانون ڇو آندو پيو وڃي جنهن مان سڀاڻي ڪو غلط فائدو حاصل ڪري. جي يو آءِ سربراهه چيو ته هي مختلف معاملو آهي، قانون مٿان قانونسازي ڇو ڪئي پئي وڃي؟. مولانا فضل الرحمان چيو ته وفاقي وزير کي قاديانين جي چالاڪين جي خبر ناهي، قاديانين کي رستو ڏيندڙ ڪا به قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي، ستاويهين آئيني ترميم سان آئين ۾ هڪ زخم محسوس ڪيو ويندو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسلام خلاف ڪنهن به قسم جي قانونسازي ممڪن ناهي، قاديانين جو مسئلو تمام گهڻو حساس آهي، آئين ۾ لفظ اقليت ناهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته گورنر راڄ مسئلن جو حل ناهي، ڪنهن به غير جمهوري عمل جي حمايت نه ڪندا. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي علامه راجا ناصر عباس چيو ته هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جمهوريت، قانون ۽ فيصلا سازي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر جو نه هئڻ ڪا سٺي ڳالهه نه آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ سينيٽر عبدالقادر پٽيل چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قاديانين کي ڪافر قرار ڏنو آهي، مخالف ڌر اسرائيل خلاف ڪو به بيان نه ڏنو آهي. هن چيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي بيان جي حمايت ڪن ٿا ۽ اهو چئي ايوان مان ٻاهر هليو ويو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي پير نور الحق قادري چيو ته اقليتن سان ڪو به مسئلو ناهي، قادياني اسلام کي غلط نموني پيش ڪندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
8 %
6.3kmh
60 %
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون