تازه ترين

مستونگ ۾ دهشتگردي جي واقعي تي افسوس آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي، بلوچستان ۾ اسڪول جي ٻارڙن جي مارجڻ تي دلي ڏک ٿيو آهي، مستونگ ۾ دهشتگردي جي واقعي تي افسوس آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز صوبي جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، پنجاب ۾ هن سال هندو برادري سان ڏياري جو ڏڻ ملهايو ويو. سندس چوڻ هو ته وزيراعليٰ مريم نواز مستحق اقليتي ماڻهن جي مالي مدد لاءِ مينارٽي ڪارڊ جو اعلان ڪيو آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ عوام جي سهولتن لاءِ پهريان سرڪاري ڪينسر اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو، 54 ارب رپين جي لاڳت سان اسپتال جو منصوبو مڪمل ٿيندو. پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ڪينسر اسپتال ۾ سڄي ملڪ جي عوام جو مفت علاج ٿيندو، مريم نواز هڪ سال ۾ عوام جي خوشحالي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن، پنجاب حڪومت جي کنيل قدمن تي مڪمل عمل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ اسڪولن ۾ موڪل جو اڃا تائين ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو، بشريٰ بي بي جي آزادي تي تحريڪ انصاف مڃي ورتو آهي ته ڊيل جي نالي تي مفاهمت ٿي آهي، مارڪيٽ ۾ اسان ئي غلام آهيون جي نالي سان تحريڪ انصاف جو نئون اسٽيڪر اچڻ وارو آهي. پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي، بلوچستان ۾ اسڪول جي ٻارڙن جي مارجڻ تي دلي ڏک ٿيو آهي، مستونگ ۾ دهشتگردي جي واقعي تي افسوس آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون