- Advertisement -
مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجه سعد رفيق تحريڪ انصاف کي پيپلزپارٽي سان گڏجي وفاقي حڪومت ٺاهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته نئين قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ کي اڪثريت حاصل ناهي، وفاقي حڪومت جي جوڙجڪ رڳو ن ليگ نه پر سمورين پارٽين جي ذميواري آهي، پي ٽي آءِ کي پ پ سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ گهرجي، مسلم ليگ ن کي ڪنڊن جو تاج مٿي تي سجائڻ جو شوق ناهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته موجوده قومي اسيمبليءَ ۾ ڪنهن پارٽي کي قطعي اڪثريت حاصل ناهي.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي جوڙجڪ مسلم ليگ نون جي نه پر پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين جي گڏيل ذميواري آهي.
مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو ته تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد ميمبر پيپلزپارٽي سان گڏجي وفاقي حڪومت ٺاهن، هو مبارڪ ڏيندا، مسلم ليگ نون کي ڪنڊن جو هي تاج پنهنجي مٿي تي سجائڻ جو ڪوبه شوق ناهي.- Advertisement -
