- Advertisement -
مسلم ليگ ن ۽ پ پ وچ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪيل معاهدي جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ن ليگ قائد نواز شريف ڊيڊ لاڪ جي خاتمي لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو.
ن ليگ ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٽي ڀيرا ٽيلي فون تي رابطا ٿيا، آئيني عهدن بابت حتمي فيصلو به نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ڪيو.
معاهدو فائنل ٿيڻ کانپوءِ نيوٽرل هنڌ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي، هڪ موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي نائب وزيراعظم ٺاهڻ جو به معاملو بحث هيٺ آيو.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جي حوالي سان ن ليگ حڪومت سازي کانپوءِ پيپلزپارٽي سان ٻيهر ڳالهيون ڪندي.
ذريعن موجب حڪومت سازي بابت معاملا طئي ٿيڻ بعد ايندڙ هفتي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
