- Advertisement -
مسلم ليگ ن ۽ پ پ وچ ۾ پنجاب جي مجموعي ترقي ۽ عوامي رليف لاءِ سياسي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ن ليگ ۽ پ پ جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اهم اجلاس اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن گڏيل سهڪار کي بهتر بڻائڻ جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اجلاس ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ وچ ۾ پنجاب جي مجموعي ترقي ۽ عوامي رليف لاءِ سياسي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته پ پ اڳواڻن پاران وزيراعليٰ پنجاب جي صوبي جي ترقي لاءِ جاري پروگرامن جي حمايت ڪئي ويئي.
اجلاس ۾ وزيراعليٰ پنجاب جي هارين، زراعت ۽ نوجوانن سميت ٻين طبقن جي بهتري لاءِ اسڪيمن ۾ گڏجي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
صوبائي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پ پ سميت سموريون اتحادي جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهن، ملڪ ۽ عوام جي مفادن لاءِ سمورين اتحادي جماعتن جي اتحاد ۽ سهڪار جي جذبي جي ساراهه ڪن ٿا.
پ پ اڳواڻ حسن مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته اختلاف راءِ سندن بنيادي حق آهي، گڏجي عوامي اشوز کي حل ڪرڻ تي اتفاق راءِ ڪن ٿا.
علي حيدر گيلاني چيو آهي ته رليف جي فارمولي تي اتفاق ڪرڻ تي هو وزيراعليٰ مريم نواز، ن ليگ جي ڪميٽي جا ٿورائتا آهن، سمورين رنڊڪن کي ختم ڪري اڳتي وڌڻ ۾ ئي اتحادي حڪومت جا ثمر عوام کي ملندا.- Advertisement -
