تازه ترين

مصري صدر فلسطينين کي غزا مان بيدخل ڪرڻ جي بيان جي مخالفت

- Advertisement -
مصر جي صدر عبدالفتاح السيسيءَ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فلسطينين کي غزه مان بي دخل ڪرڻ بابت بيان کي غير منصفاڻو قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس حڪومت ان ۾ شامل نه ٿيندي. العربيه ٽي وي جي رپورٽ موجب، مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي قاهره ۾ دوري تي آيل ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مصر ٻه رياستي حل جي بنياد تي اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن معاهدي جي لاءِ امريڪا جي نئين انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪندا. هن چيو ته فلسطينين جي بي دخلي جي حوالي سان جيڪو چيو پيو وڃي ان کي برداشت نٿو ڪري سگھجي ۽ نه ئي اجازت ڏئي سگھجي ٿي ڇاڪاڻ ته ان سان مصر جي قومي سلامتي تي اثر پوندا. مصري صدر چيو ته فلسطينين کي بيدخلي ۽ ٻاهر منتقل ڪرڻ هڪ غيرمنصفاڻو قدم آهي جنهن ۾ سندن حڪومت شريڪ نه ٿيندي. عبدالفتاح السيسي چيو ته جيڪڏهن ٽرمپ جي تجويز تي مصر جي عوام سان اها ڳالهه ڪئي به وڃي ته هو فلسطينين جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري ايندا. هن وڌيڪ چيو ته 2 رياستي حل تاريخي حق آهي ۽ صدر ٽرمپ اهو هدف حاصل ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو، ان سان وچ اوڀر ۾ مستقل پائيدار امن قائم ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون